ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب

ٺوڙهي بجار ۽ ٺوڙهي سهراب (ڳوٺ ):هي ٻئي ڳوٺ قنبر جي اولهه ۾ 12کان 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي قنبر ڳڙهي ڪرٽيي روڊ جي ڏکڻ ۾ واقع آهن. ٻئي ڳوٺ ديهه ڊٻ مٺي، يونين ڪائونسل بوهڙ ۽ سرڪل قنبر سان واسطو رکن ٿا. ٺوڙهي بجار قنبر کان 12 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ۽ ٺوڙهي سهراب 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ٺوڙهي سهراب جي اوڀر ۾ هتي، اتر ۾ ڊرگھه سومر چانڊيو، اولهه ۾ مٿيان بوهڙ ۽ وڪا ڳوٺ آباد آهن. ٺوڙهي بجار جنڪشن آهي. هتان چئن طرفن کان ٻه روڊ نڪرن ٿا. هڪ اوڀر کان اولهه طرف يعني قنبر کان ڳڙهي ڪرٽيي تائين ۽ ٻيو اتر کان ڏکڻ طرف يعني نور محمد شيخ ڳوٺ کان تعلقي وارهه جي شهر لولا رائنڪ تائين. هن جنڪشن وٽان لولا رائنڪ 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ۽ چئن ڪلوميٽرن تي اتر طرف نور محمد شيخ آباد آهن ۽ اولهه ۾ ڳڙهي ڪرٽيو 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. ٺوڙهي بجار جي اتر ۾ گيلو کوسو، ڏکڻ ۾ هيٺيان بوهڙ، اولهه ۾ ڪنور ڳوٺ واقع آهن. هنن ڳوٺن جي بنياد تنيا برادري جا ٻه ڀائر بجار خان ۽ سهراب خان هتي 60-1750ع ڌاري آباد ٿيا هئا. اصل نواب شاهه جا رهاڪو هئا. بجار خان ۽ سهراب خان مالوَند ماڻهو هئا. کين مينهون ۽ ڳئون جھجھيون هونديون هيون. مينهن ۾ ڄائي ڄم کان هڪ ٺوڙهي بختاور مينهن به هئي، جنهن جي نسبت سان هي ٻئي ڀائر هن جوءِ ۽ تر ۾ مشهور ٿيا. 1750ع ڌاري پهريان ٺوڙهي بجار ڳوٺ آباد ٿيو. هڪ ڏهاڪي گذرڻ بعد سهراب خان پنهنجي ڀاءُ کان ڪاوڙجي ٺوڙهي بجار جي اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ دڙي تي آباد ٿيو، جتي پهريان هندو ۽ سيد ويٺل هئا. 1740ع ڌاري انهن جي لڏي وڃڻ کان پوءِ ٺوڙهي بختاور مينهن ان دڙي تي اڪثر ٻين مينهن سان گڏ ويهندي هئي، جنهنڪري سهراب خان کي اها جاءِ وڌيڪ موزون ۽ بهتر لڳي ۽ اتي آباد ٿيو. ٺوڙهي بجار ۾ تنيا ۽ سومرا آباد آهن. ٺوڙهي سهراب ۾ تنيا، چنا، ڪلهوڙا، چانڊيا، ميمڻ، پٺاڻ ۽ وڪا آباد آهن. ماضيءَ ۾ ٺوڙهي بجار ڳوٺ سٺن عالمِ دين جي پيدا ڪرڻ جي کاڻ پڻ رهيو آهي. علم جي انهيءَ کاڻ مان هن ڳوٺ جا جيڪي گوهر نڪتا، تن ۾ مولوي سعد الله تنيو (وفات: 1993ع)، مولوي محبت الله تنيو، مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1945ع) ۽ مولوي عبدالڪريم تنيو (وفات: 1976ع) قابلِ ذڪر آهن. اهي عالم سڳورا هتان جي مدرسي مان مولانا ڪريم داد چانڊيي وٽان فارغ التحصيل ٿيا. هنن بزرگن مان مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارهه ۾ جيد عالم ٿي گذريو. مولانا صاحب 1925ع ۾ لعلو رائنڪ، تعلقي وارهه ۾ مدرسي جو بنياد رکيو. سندس لائق شاگردن ۾ گھڻو مشهور فقير هدايت الله تارڪ نجفي هو. ٺوڙهي بجار جو اهو مدرسو سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور هو. هن مدرسي خلافت تحريڪ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. اهو مدرسو مولانا ڪريمداد عرف قلندر چانڊيي 1897ع ڌاري کوليو، جيڪو پوءِ 1956ع ڌاري پرائمري اسڪول ۾ تبديل ٿي ويو. مولانا ڪريمداد چانڊيو اصل ڊرگهه سومر جو رهاڪو هو. انگريز دؤر ۾ ٺوڙهي بجار ۾ هندو به رهندا هئا. بخت مل، آسن، ڀاون، ڄيٺومل، وسند، ٽلو مشهور ۽ معروف ماڻهو هئا. ايسر داس مکي هين. هتي واڻين جو هڪ کوهه به هو ندو هيو. هن وقت اهو ڦٽي ويو آهي. احسان فقير نالي هڪ بزرگ جي مزار آهي. جتي ڀرپاسي کان سکائون اينديون آهن، 7 مسجدون آهن. ٺوڙهي سهراب ۾ ”ڪنڊي سيد“ نالي هڪ بزرگ جي درگاهه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو